سُورج مل اُڌيپوري

سُورج مل اُڌيپوري: غلام رسول مهر پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته “جڏهن سرائي مقصود فقير جي ناعاقبت انديشيءَ سبب شهزادي محمد معزالدين (اورنگزيب عالمگير جي پوٽي) سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙي، مغل شهزادي وٽ حاضر ٿي صلح جو عرض ڪيو. مغل شهزادي هڪ لشڪر ميان جي جي عزيزن ۽ رشتيدارن کي گهرائڻ لاءِ موڪليو، جنهن لشڪر جا سپهه سالار راجا گج سنگهه ۽ سورج مل اڌيپوري هئا. ميان دين محمد جي وڃڻ کانپوءِ ميان يار محمد سڀني معاملن جو مختيارڪل هو ۽ ميان يار محمد، مغل شهزادي وٽ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ شاهي لشڪر خلاف جنگ جوٽيائين. سورج مل اڌيپوري پڻ جنگ لاءِ هڪدم تيار ٿيو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ گاج نئن جي ڪناري وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي ۽ سرائين جي لشڪر شاهي فوج کي بريءَ طرح شڪست ڏني. انهيءَ جنگ ۾ شاهي لشڪر جا هزارين سپاهي مارجي ويا ۽ سورج مل اڌيپوري جان بچائي ڀڳو. جڏهن هن سموري قصي جي خبر مغل شهزادي کي وڃي سورج مل اڌيپوريءَ ٻُڌائي، تڏهن مغل شهزادي، ميان دين محمد کي قتل ڪرائي ڇڏيو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو